اسلاميه دارلاشاعت

اسلاميه دارلاشاعت- ميرپور خاص / حيدرآباد: هن اشاعتي اداري جو پايو محمد عثمان ڏيپلائيءَ سن 1938ع ۾ پنجاهه رپين جي موڙيءَ سان، ميرپور خاص ۾ وڌو. پهريون ڪتاب جيڪو هن اداري مان شايع ٿيو سو هو ڏيپلائيءَ صاحب جو لکيل ناول ”سنگدل شهزادي“. انهيءَ کان پوءِ ڏيپلائي صاحب طرفان جاري ڪيل ماهوار ”عبرت“ ڪتاب جي سلسلي جا چاليهه کن ناول هن اداري ميرپور خاص مان شايع ڪيا. اڳتي هلي سن 1942ع ۾ هي ادارو حيدرآباد ۾ منتقل ٿيو ۽ ڏيپلائي صاحب جا ڪتاب تواتر سان سنه 1980ع تائين شايع ڪندو رهيو. ڏيپلائي صاحب جا سوکن ڪتاب هن اداري شايع ڪيا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو